ڪراچي ۾ 90 سيڪڙو ڏوهن ۾ افغاني ملوث آهن: نياز ڪالاڻي

ڪنري (ت ر) جسقم جي مرڪزي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنھل ساريو ۽ ٻين چيو آهي ته ڪراچي  ۾ افغانين جو معاملو ڀيانڪ صورتحال اختيار ڪري ويو آھي، ڪراچي ۾ افغاني پنھنجي ملڪ جو جھنڊو لڳائي ھٿيار کڻي گھمن ڦرن ٿا، ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪرائم ۾ 90 سيڪڙو افغاني ملوث آھن، منشيات ۽ اسلحي جي اسمگلنگ ۾ افغاني ملوث آھن، 15 سالن کان پ پ سنڌ ۾ مسلسل حڪومت رھي آھي جنھن من پسندي تحت پئسا ڪمائڻ خاطر تحت ڊي سي ۽ ايس ايس پي لڳائيندا رھيا آھن، جنھن سان امن امان بدران بدامني وڌي آھي، ڪچي ۾ جديد هٿيار اچن ٿا جنھن ۾ حڪومت پاڻ ملوث آھي، نيشنل پريس ڪلب ڪنري ۾ پريس ڪانفرنس دوران نياز ڪالاڻي چيو ته مخصوص افغانين کي ڏيکاءُ خاطر گرفتار ڪري ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي، ڪوھستان، گھوٽڪي، ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد ۾ آدمشماري وارا پھچي به ناهن سگھيا، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم وارا آدمشماري تي اعتراضن کي مخصوص علائقن بدران مجموعي طور اعتراض ڪن، سپريم ڪورٽ 40 لک افغاني ھجڻ جا انگ اکر ڏنا آھن پر 75 لک افغاني پناھ وٺڻ ويٺل آھن، ننگرپارڪر، ڪنري کان وٺي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ افغاني تمام گھڻا آھن، افغانستان ۾ امن امان ۽ روپئي جي قدر سنڌ کان وڌيڪ بھتر آھي، انڪري انھن وٽ ھت رھڻ جو ھاڻ ڪوبه جواز ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.