ٻه هزار سال پراڻا ۽ انوکا مقبرا دريافت

ان ڳالهه کان انڪار ممڪن ناهي ته هن دنيا کي لکين سال گذري چڪا آهن، ۽ هيل تائين قديم آثارن جا ماهر انوکين دريافتن سان دنيا کي حيران ڪري رهيا آهن.
اهڙي ئي هڪ انوکي ۽ حيران ڪندڙ دريافت اٽلي ۾ سامهون آئي آهي، اٽلي جي شهر نيپلز ۾ قديم رومي دور سان واسطو رکندڙ تقريبن ٻه هزار سال پراڻو هڪ مقبرو دريافت ٿيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب تازو ئي شهر جي پاڻي جي فراهمي جي نظام کي اپ گريڊ ڪرڻ دوران زمين اندران هڪ مقبرو مليو آهي.
شروعاتي تحقيقن کان پوءِ اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته اهو مقبرو تقريبن ٻه هزار سال پراڻو آهي.

تصویر: ڈیلی میل/ویب سائٹ
ان مقبري جي داخلي در کي هڪ ٽف سليب سان گڏ سيل ڪيو ويو هو، جڏهن هو ان مقبري ۾ داخل ٿيا ته ان مقبري جون ڀتيون انمول آرٽ سان سينگاريل هيون.
انهن فن پارن ۾ هڪ ٽن منڍين واري ڪتي ”سربيرس“ کي نمايان طور تي بڻايو ويو هو، ان ڪري ان مقبري کي ”سربيرس جو مقبرو“ چيو ويندو آهي.
سربيرس جنهن کي علم الهيات مين ”Hound of Hedes“ چيو ويندو آهي، مرندڙن جي روحن کي فرار ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ عالم ارواح جي درن جي حفاظت ڪندو هو.
ان مقبري ۾ افسانوي منظرن جون تصويرون به بڻيل آهن.
ان مقبري ۾ افسانوي منظرن جي تصوير ڪشي به ڪئي وئي آهي، ان ۾ اڪٿيوسينٽورس (ichthyocentaurs) جي تصوير به بڻائيوئي آهي جيڪو انسانن جي مٿن جسم، گھورن جي اڱين ڄنگهن ۽ مڇي جو پُڇ رکندڙ مخلوق آهي.


قديم آثارن جا ماهر هن وقت چيمبر جي مقبري جي في الحال مڪمل کوٽائي ۾ مصروف آهن، ته جيئن ان مقبري جي چوڌاري لاڳاپيل قديم آثارن کي به ڳولي سگھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.