روهت جي رڪارڊ ٽوڙ اننگز، ڀارت، افغانستان کي هارائي مسلسل ٻي ڪاميابي ماڻي ورتي

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي نائين ميچ ۾ ڀارت ڪپتان روهت شرما جي رڪارڊ ساز اننگز جي مدد سان افغانستان کي اٺن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ مسلسل ٻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

ڀارت افغانستان جو 273 رنسن جو هدف آساني 35 اوور ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، ڪپتان روهت شرما چوراسي بالن تي 131 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، اِها سندس ون ڊي ڪيريئر جي 31 هين سينچري هئي.

ان کانسواءِ ايشان ڪِشن 47 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ويرات ڪوهلي 55 جڏهن ته شرياس ائير 25 رنسون جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي.

افغانستان طرفان ٻئي وڪيٽون راشد خان حاصل ڪيون.

دهلي جي ارون جيٽلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن م اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 272 رنسون ٺاهيون.

افغان ڪپتان حشمت الله شاهدي 80  ۽ عظمت الله عمر زئي 62 رنسن جي اننگز کيڏي

ڀارت جي جسپريت بمرا چار، هاردِڪ پانڊيا ٻه، شردل ٺاڪر ۽ ڪُلديپ ياديو هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.

شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي ڀارتي ڪپتان روهت شرما کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.