سون جي اگهه ۾ اڄ به هزارين رپين جي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪيترن ئي ڏينهن کان سون جي اگهه ۾ مسلسل گهٽتائي کانپوءِ اڄ ٻئي ڏينهن به سون مهانگو ٿي ويو.
ملڪ ۾ سون جو اگهه گهٽجڻ جو سلسلو بيهجي ويو ۽ في تولي سون جي اگهه ۾ اوچتو هزارين رپين جي واڌ ٿي وئي.
في تولي سون جي اگهه ۾ ساڍا 5 هزار رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جو اگهه ٻه لک 5 هزار رپيا ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون 4 هزار 715 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 75 هزار 754 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 16 ڊالر واڌ سان هڪ هزار 872 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.