ساوڪ وارا هنڌ حياتي وڌائين ٿا

هر شخص کي پنهنجي جي ڀرسان ساوڪ پسند هونديآهي، ان مقصد لاءِ گھڻا ماڻهو پنهنجن گھر ۾ ٻوٽا لڳائڻ پسند ڪندا آهن. ٻوٽا اوهان جي صحت لاءِ گھڻا فائديمند هوندا آهن ۽ اوهان جي اکين لاءِ به.

ڊپريشن جو شڪار مريضن کي گھڻو ڪري ڊاڪٽرز ساوڪ وارن هنڌن تي وڃڻ جي هدايت ڪندا آهن.

شهر جا پارڪس ۽ ساوڪ وارا هنڌ گرمي جو مقابلو ڪرڻ، حياتياتي زندگي کي وڌائڻ ۽ شهري جهنگ ۾ سڪون جو احساس پيدا ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندا آهن.

پر اوهان اهو نٿا ڄاڻو ته جيڪڏهن اوهان ساوڪ جي ويجهو رهندا آهيو ته اوهان جي عمر ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ گھٽ نظر ايندي آهي.

اسپين ۽ آمريڪي تحقيقي ٽيم دريافت ڪيو آهي ته ساوڪ وارن هنڌن جي ويجهو رهندڙ ماڻهو حياتي طور تي سراسري طور اڍائي سال ننڍا هوندا آهن.

نارٿ ويسٽرن يونيورستي جي فينبرگ اسڪول آف ميڊيسن ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ اسڪالر ۽ ان تحقيق جي مرڪزي ليکڪ ڪيزوڪم چيو آهي ته گھڻي ساوڪ جي ويجهو رهڻ سان اوهان کي پنهنجي اصل عمر کان ننڍو ٿيڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

ڊاڪٽر ڪِم ۽ سندس ٽيم 1986ع کان وٺي 2006ع تائين 20 سالن ۾ آمريڪي جي چئن شهرن ۾ 924 ماڻهن جي گھرن جي ايڊريس جو تجزيو ڪيو ته جيئن اهو ڄاڻي سگھجي ته اُهي ٻوٽن ۽ پارڪس جي ڪيترو ويجهو رهندا آهن.

نتيجن مان واضح ٿيو ته 5 ڪلوميٽرز جي دائري ۾ 20 سيڪڙو ساوڪ وارن علائقن ۾ رهندڙ حياتياتي طور تي انهن ماڻهن کان تقريبن اڍائي سال وڏا هئا جن جي گھرن جي چوڌاري 30 سيڪڙو ساوڪ هئي.

هنن چيو ته حياتياتي عمر ۾ ان فرق لاءِ گھڻي ڀاڱي سماجي ميل جول ۽ جسماني ورزش ۾ اضافو جزوي طور تي ذميوار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.