دل جي دوري ڏانهن اشارو ڪندڙ 10 علامتون

هارٽ اٽيڪ کي ان وقت منهن ڏنو ويندو آهي جڏهن دل طرفان رت جو وهڪرو گھڻو گھٽجي وڃي يا بلاڪ ٿي وڃي.

عام طور تي شريانين ۾ سڻڀ، ڪولسٽرول ۽ بئي مواد جو گڏ ٿيڻ دل تائين رت جي وهڪري ۾ گھٽتائي جو سبب بڻبو آهي.

ڪولسٽرول جي گڏ ٿيڻ کي plaque چيو ويندو آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا ان جي ڪري بلڊ ڪلاٽ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ رت جي رواني متاثر ٿيندي آهي.

هارٽ اٽيڪ جون مخصوص علامتون هونديون آهن جن کي محسوس ڪري ماڻهو فوري طبي امداد لاءِ رجوع ڪري سگھن ٿان.

ائين محسوس ڪرڻ ته ڄڻ ڪنهن سختيءَ سان جڪڙي ورتو جي

هارٽ اٽيڪ دوران گھڻو ڪري سيني ۾ شديد تڪليف ٿيندي آهي پر ڪيترائي ڀيرا سيني ۾ دٻاءُ ۽ بار جو به احساس ٿيندو آهي.

حقيقت ۾ ائين لڳڻ ته ڄڻ ڪنهن سيني کي مضبوطي سان جڪڙي ڇڏيو آهي.

ٿَڪُ يا ڪمزوري

ٿَڪُ يا ڪمزوري دل جي دوري جون سڀ کان عام علامتن مان هڪ آهن، خاص طور تي عورتن ۾ اها علامت گھڻي نظر ايندي آهي.

طبي ماهرن موجب هارٽ اٽيڪ جي ويجهو پهچندڙ روز مرهه جي ڪمن دوران گھڻي ٿَڪَ جي شڪايت ڪندا آهن.

ورزش ڪندي تڪليف

سيني، ٻانهن، ڪُلهي يا چيلهه ۾ جسماني سرگرمين دوران تڪليف ٿيڻ به هارٽ اٽيڪ جي علامت ٿي سگھي ٿي.

ماهرن ٻڌايو ته جيڪڏهن رت جون شريانيون بلاڪ ٿيڻ سان رت جو وهڪرو محدود ٿيندو آهي ته جسماني سرگرمين دوران تڪليف ۽ ڪمزوري جو احساس ٿيندو آهي.

گھڻو ساهه منجهڻ

جيڪڏهن ڏاڪڻيون چڙهندي اوچتو ساهه منجهڻ لڳي ته اها به هارٽ اٽيڪ جي هڪ نشاني ٿي سگھي ٿي.

مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۾ اها علامت وڌيڪ هوندي آهي.

ننڊ دوران ساهه کڻڻ ڏکيو ٿيڻ

جيڪڏهن ننڊ دوران اوچتو اک کُلي وڃي ته ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي وڃي ته اها به هارٽ اٽيڪ جي علامت ٿي سگھي ٿي.

رت جو وهڪرو متاثر ٿين سان ساهه کڻڻ جي نظام تي به اثر پوندا آهن جنهن سبب ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.

سيني ۾ ساڙو

جيڪڏهن کائڻ کان پوءِ سيني ۾ ساڙو محسوس ٿئي ته اها فڪر ڪرڻ جي ڳالهه ناهي، پر ان جي شدت غير معمولي هجي ته پوءِ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گھرجي.

رت جي وهڪري ۾ گھٽتائي سان انجائنا جي شڪايت ٿيندي آهي جيڪا سيني ۾ جلن جهڙي هوندي آهي ۽ اها هارٽ اٽيڪ جي نشاني ٿي سگھي ٿي.

معدي جا مسئلا

ڪيترائي ڀيرا هارٽ اٽيڪ جون علامتون معدي جي مسئلن جهڙوڪ حيانءُ ڪچو ٿيڻ يا بدهضمي جي شڪل ۾ به نظر اينديون آهن، خاص طور تي عورتن ۾.

اهڙي صورت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گھرجي.

ڳلي، نڙي يا ڳياڙي ۾ بيچيني

جيڪڏهن ڳلي، نڙي يا ڳياڙي ۾ اوچتو بيچيني محسوس ٿئي جنهن جو سبب سمجهه ۾ نه اچي ته اها به هارٽ اٽيڪ جي نشاني ٿي سگھي ٿي.

اجايو پگھر وهڻ

جيڪڏهن اوچتو ڪنهن سبب کانسواءِ گھڻو پگھر خارج ٿيڻ لڳي ته اهو صحت جي ڪنهن سنگين مسئلي ڏانهن اشارو ٿي سگھي ٿو.

ماهرن موجب ڪنهن به جسماني سرگرمي کانسواءِ اوچتو گھڻو پگھر نڪري ته هارٽ اٽيڪ ڏانهن اشارو به ٿي سگھي ٿو.

مٿي کي چڪر اچڻ يا غشي اچڻ

جيڪڏهن اوچتو مٿي کي چڪر اچڻ لڳن يا غشي اچي وڃي ته اها به هارٽ اٽيڪ جي امڪاني علامت ٿي سگھي ٿي.

مٿي کي چڪر اچڻ سان گڏوگڏ حيانءُ ڪچو ٿيڻ ۽ گرمي جو احساس به ٿي سگھي ٿو.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ضرور ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.