موت کانسواءِ هر مرض جو علاج ڪلونجي ڪيئن؟

ڪلونجي جنهن کي نائجيلا سيٽيوا يا ڪارو ٻج به چيو ويندو آهي ۽ اهو گلن وارو ٻوٽو ڏکڻ يورپ، اتر آفريقا ۽ ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ ٿيندو آهي. اهو ٻج کاڌن ۾ ذائقو ۽ خوشبو ڏيڻ سان گڏوگڏ ڊگهي عرصي کان جڙي ٻوٽين مان ٺهندڙ دوائن ۾ تقريبن هر بيماري جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ايتري تائين جو پاڻ سڳورن صه جن انکي موت کان هر بيماري جو علاج فرمايو آهي.

ماهرن ڪلونجي کي مختلف فائدن سميت وزن ۾ لاٿ لاءِ به وڏو فائديمند قرار ڏنو آهي.

اڄ اسان هتي اوهان کي ٻڌائينداسين ته ڪلونجي آهي ڇا ۽ ان جا فائدا آهن ڪهڙا ۽ وزن گهٽائڻ لاءِ ڪيئن فائديمند آهي؟

ڪلونجي آهي ڇا، ان ۾ فائديمند جز ڪهڙا آهن؟

ڪلونجي هڪ ساليانو گل وارو ٻوٽو آهي، ان ۾ ڪيترائي ڪارا ٻج ٿيندا آهن جن جا صحت لاءِ ڪيترن ئي فائدن جو سبب ان ۾ موجود وٽامنز، امينيو ايسڊز، پروٽينز، فيٽي ايسڊز، آئرن، پوٽاشيم، ڪيلشيئم ۽ ڪيتريون ئي ٻيون شيون موجود آهن جيڪي مختلف بيمارين جي علاج لاءِ فائديمند ثابت ٿي چڪيون آهن. ڪلونجي جو تيل ٻين تيلن جي ڀيٽ ۾ تمام بهتر آهي ڇو ته ان ۾ ضروري فيٽي ايسڊز ۽ وٽامنز ۽ معدنيات هونديون آهن. ان ۾ لڳ ڀڳ سترهن سيڪڙو پروٽين، ڇويهه سيڪڙو ڪاربوهائڊريٽ ۽ ستونجاهه سيڪڙو ٻوٽن جي چرٻي ۽ تيل شامل هوندو آهي. ڪلونجي ۾ موجود هڪ جز ٿائموڪيونائين تي ڏهاڪن کان سائنسدان تحقيق ڪري رهيا آهن ۽ اهو طاقتور اينٽي آڪسيڊنٽ ڪينسر کان بچاءَ ۽ ورم گهٽائڻ جي خاصيتن وارو سمجهيو ويندو آهي.

شگر جي مرض لاءِ فائديمند

شگر جي مرض لاءِ ڪاري چانهه يا ڪاڙهي ۾ چانهه وارو اڌ چمچو ڪلونجي جي تيل جو وجهي پيئو، اها چانهه پيئڻ سان توهان هڪ هفتي ۾ ئي فرق محسوس ڪندا. ڇو ته اها رت ۾ شامل ٿي ڪري شگر کي ڪنٽرول ڪندي آهي. اهو ان ريت ته ڪلونجي انسولين کي وڌائي رت ۾ شگر جي جذب ٿيڻ ۾ دير ڪري بلڊ شگر جي عمل کي ڪنٽرول ڪري ٿي.

گنجائپ ختم، وار ڇڻڻ بند، وارن جي واڌ ويجهه

اسان جي وڏڙن جي مختلف ٽوٽڪن ۾ ڇڻندڙ وارن کي روڪڻ يا وري گنجائپ جي خاتمي لاءِ ڪلونجي سدائين شامل رهي. ناريل يا سرنهن جي تيل سان گڏ ڪلونجي استعمال ڪرڻ سان اها وارن کي ان جي ضرورت موجب گهم پهچائيندي آهي ۽ گنجائپ کان بچائي ٿي. ڪلونجي جي تيل کي گرم ڪري وارن جي پاڙن ۾ لڳائڻ سان تمام سڪون ملندو آهي اها وارن کي چمڪندڙ ۽ گهاٽو ڪرڻ سان گڏ انهن جي واڌ ويجهه وارو عمل به وڌائيندي آهي.

بلڊ پريشر تي ضابطو

جيڪڏهن توهان هاءِ بلڊ پريشر جي ڪري پريشان آهيو ته اڌ چانهه وارو چمچو ڪلونجي جو پائوڊر هلڪي گرم پاڻي ۾ وجهي پيئو، اهو توهان جي رت کي گهاٽاڻ کان بچائيندو، انکي نارمل ڪندو، انکي علاج طور استعمال ڪيو ته وڏو فائدو ملندو.

هوڙن جي بيمارين جو علاج

رات جو سمهڻ کان اڳ ڪلونجي جي تيل جي مالش ڪيو، جيڪڏهن تيل ڳهي وڃو تڏهن به ڪو نقصان ناهي پر ڪنهن نه ڪنهن ريت اهو فائديمند ثابت ٿيندو، ڪجهه عرصو ڪلونجي جو تيل مهارن ۽ هوڙن کي هڻڻ سان انهن جي ڪمزوري ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پر هوڙن جي ڪا خراب بيماري هجڻ جي صورت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ ضروري آهي.

وزن گهٽائڻ ۾ مددگار

ڪلونجي توهان جي هاضمي واري نظام کي بهتر ڪري توهان جي ميٽابولزم کي تيز ڪندي آهي جنهن جي ڪري توهان پاڻ کي ڦڙت محسوس ڪندا آهيو. مطالعن مان خبر پئي آهي ته جڏهن توهان ڪلونجي کي گرم پاڻي سان کائيندا آهيو ته توهان کي وزن گهٽائڻ ۾ وڏي مدد ملندي آهي. گرم پاڻي، ماکي ۽ ليمي جو مرڪب ٺاهي ڪيترائي ماڻهو وزن گهٽائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن ان مڪسچر ۾جيڪڏهن هڪ چپٽي ڪلونجي جي پائوڊر جي وجهجي ته ان جا ڪمال توهانکي پاڻ ئي خبر پئجي ويندي. ٿوري ئي ڏينهن ۾ اهو نه رڳو معجزاتي طور توهان جو وزن گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر توهان جي چهري تي خوبصورتي به آڻيندو ڇو ته ان ۾ موجود وٽامنز ۽ منرلز صحتمند رت ٺاهڻ ۾ وڏي مدد ڏيندا آهن.

هڪ تحقيق ڪئي وئي جنهن ۾ گهڻي وزن واري ماڻهن ڪلونجي کائڻ شروع ڪئي، مشاهدي مان خبر پئي ته ڪلونجي پائوڊر ۽ تيل ڇهه کان ٻارنهن هفتن ۾ ٻه کان اڍائي ڪلو تائين وزن گهٽايو ۽ انهن جي چيلهه ساڍا ٽي سينٽي ميٽر گهٽ ٿي.

جيئن ته ڪلونجي پاڻ وزن گهٽائڻ لاءِ خاص فائديمند ناهي پر انکي گهٽ ڪيلوريز وارن کاڌن سان گڏ کائجي ته گهڻي مدد ملي سگهي ٿي مثال ڪنهن به کاڌي ۾ ڪلونجي جو استعمال ڪيو وڃي ته اها لازمي طور وزن گهٽائڻ ۾ وڏي مددگار ثابت ٿيندي.

کاڌو

ڪلونجي جي خوراڪ 3.1 گرام پائوڊر جي صورت ۾ روز بهتر آهي. ان سان گڏ انکي پائوڊر، ٻجن ۽ تيل جي صورت ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو سڀني صورتن ۾ ان جا فائدا موجود هوندا آهن.

آخري ۽ اهم ڳالهه

ڪلونجي هڪ اهڙو ٻوٽو آهي جنهن جا ٻج روايتي طور تي وارن ۽ ڏندن جي لاءِ تمام فائديمند ثابت ٿيندا آهن ان سان گڏ اهي ڪنهن سور، هاضمي جي مسئلن ۽ ٻين بيمارين جي علاج لاءِ به استعمال ڪري سگهجن ٿا. گهٽ ڪيلوريز واري خوراڪ سان گڏ ڪلونجي جو استعمال وزن گهٽائڻ ۾ وڏو مددگار هوندو آهي. اهو دل کي صحتمند بڻائيندو آهي، شگر جي مريضن جي شگر کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.