”ڀارت خلاف مڙس ماڻهو ٿي کيڏو“ ذڪاءَ اشرف جو ٽيم کي مشورو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ذڪاءَ اشرف قومي ٽيم کي ڀارت خلاف دليري سان کيڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.

هڪ بيان ۾ ذڪاءَ اشرف چيو ته ڀارت خلاف اهم ميچ ۾ به خوف ٿي کيڏو جيئن پوري ايونٽ ۾ کيڏندا رهيا آهيو، مئنيجمينٽ ۽ پوري قوم رانديگرن سان گڏ آهي.

هن چيو ته خوشي آهي ته پاڪستاني ٽيم هنيئر تائين عالمي ڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي.

ٻئي پاسي پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف جي پاڪ-ڀارت مقابلي دوران ڀارت وڃڻ جو امڪان آهي.

پي سي بي ذريعن موجب، ذڪاءَ اشرف پهريان کي پهريان ئي ڀارتي ويزا جاري ٿي چڪي آهي ۽ سندس هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڀارت وڃڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، ذڪاءَ اشرف احمد آباد ۾ پاڪ-ڀارت ميچ اسٽيڊيم ۾ ڏسندو.

هوڏانهن پي سي بي چيئرمين ذڪاءَ اشرف جي ڪوششون ڪم اچي ويون ۽ ڀارتي سفارتخاني ورلڊ ڪپ جي ويزائن لاءِ پاڪستاني صحافين سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ڀارتي سفارتخاني طرفان پاڪستاني صحافين کي ويزائن لاءِ فور طور پاسپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.