لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ عسڪري ٽاور ۽ جناح هائوس حملي ڪيس ۾ خديجا شاهه جي ضمانت جي دخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
پي ٽي آءِ ڪارڪن خديجا شاهه جي ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي، جسٽس عاليا نيلم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
لاڳاپيل رڪارڊ پيش نه ڪرڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڇا خديجا شاهه ايف آءِ آر ۾ نامزد آهي، جنهن تي اسپيشل پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته خديجا شاهه ايف آءِ آر ۾ نامزد ناهي، ان تي رياست خلاف نعريبازي جو الزام آهي، سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ سندس بيان رڪارڊ ڪيو ويو، هوءَ موقعي تي موجود ماڻهن کي حڪومت خلاف اڪسائيندي رهي ۽ پنهنجي اڪائونٽ تان تصويرون به اپ لوڊ ڪيائين.
عدالت چيو احتجاج ڪرڻ اسان جي سماج جو ڪلچر آهي، هڪ ليڊر سڏ ڏئي ته ماڻهو احتجاج لاءِ نڪري پوندا آهن، توهان ڪنهن کي احتجاج کان نٿا روڪي سگهو، ايڏي گهرائي ۾ نه وڃو جو سڀاڻي توهان سان مسئلو ٿئي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته خديجا شاهه جي بيان ۾ ڪهڙي غير قانوني ڳالهه آهي؟ اهو چوڻ ته مائرن ۽ ڀينرن جي عزت محفوط ناهي ڇا غير قانوني آهي، ڇا توهان ٽوئيٽر انتظاميا کان اڪائونٽ ۽ ان جي تصديق ڪرائي؟ جنهن تي اسپيشل پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته خديجا پاڻ ان اڪائونٽ کي پنهنجو اڪائونٽ چوندي آهي.
عدالت چيو ته خديجا شاهه ضمانت جي درخواست به داخل ڪئي، پوليس ان درخواست ۾ رپورٽ پيش ڪئي، اسپيشل پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته ضمانت جي درخواست جي حوالي سان ڄاڻ ناهي.
عدالت چيو پوليس فائل کي ڏسو ان ۾ سڀ ڪجهه درست آهي، جيڪو حالتون آهن ته پنجاب ۾ اڳتي ڇا ٿيندو؟ هنڌ هنڌ ڪئميرائون لڳل آهن، ڪيئن ڪا ڳالهه لِڪل رهجي وئي.
Next Post
You might also like