اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توهين اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.
اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته عمران خان جيل ۾ آهي، تنهن ڪري سندس پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيو ته جيئن هو هتي پيش ٿئي.
وڪيل چيو ته عمران خان کي سيڪيورٽي جو بنياد بڻائي ٻين عدالتن ۾ پيش ٿيڻ نه پيو ڏن وڃي، جنهن تي نثار دراني چيو اڳ ۾ ته پي ٽي آءِ چيئرمين ايندو ئي نه هو، هاڻ پروڊڪشن آرڊر جو چئي رهيو آهي، توهان شوڪاز جو جواب جمع ڪرايو، اسان پروڊڪشن آرڊر جاري ٿا ڪيون ۽ سيڪيورٽي لاءِ به لکون ٿا.
بلوچستان جي ميمبر شاهه محمود جتوئي چيو ته اسان فرد جرم لاڳو ڪنداسين، پوءِ ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like