ورلڊ ڪپ: پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ خاص تقريب، ڪير ڪير شرڪت ڪندو؟

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ جي موقعي تي خاص تقريب ڪوٺائي ويندي.

ڀارتي ميڊيا موجب، احمد آباد ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ ڀارتي سُپر اسٽارز شريڪ ٿيندا.

رپورٽس موجب، خاص پروگرام ۾ بالي ووڊ جا سينيئر اداڪار اميتاڀ بچن ۽ رجني ڪانت سميت ڪيئي فلمي ستارا شرڪت ڪندا.

ڀارتي ميڊيا موجب، اڳوڻو ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر ۽ راڳي ارجيت سنگهه به پروگرام ۾ شرڪت ڪندو، تقريب ۾ لائيٽ شو، ڊانس پرفارمنسز ۽ آتشبازي جومظاهرو پڻ ڪيو ويندو.

گُجرات ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري انيل پٽيل موجب، خاص تقريب منجهند ٻارهين وڳي شروع ٿيندي جنهن ۾ 20 کان 25 پاڪستاني صحافي پڻ شرڪت ڪندا.

انيل پٽيل جو ان حوالي سان چوڻ هو ته پاڪستاني صحافين لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) جي افتتاحي تقريب نه ٿيڻ سبب پاڪ-ڀارت ميچ جي موقعي تي شوقين لاءِ  ميچ کان اڳ خاص پروگرام ڪرائڻ فيصلو ڪيو آهي.

واضح رهي ته ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب نه ٿيڻ سبب ڪرڪيٽ پرستارن طرفان مايوسي جو اظهار ڪيو هو.

ياد رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ 14 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.