اسرائيلي شهرين ۾ 27 هزار هٿيار ورهايا ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حماس پاران جنهن علائقي ۾ حملو ڪيو ويو هو ان اسرائيلي شهر سديروت جي رهواسين ۾ 27 هزار هٿيار ورهايا ويا آهن ۽ انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪو به شهري بنا رنڊڪ هٿيار حاصل ڪرڻ جي درخواست ڏئي سگهي ٿو.

قومي سلامتي واري وزير بين گوير چيو آهي ته هو هٿيار ورهائڻ جو سلسلو جاري رکندا.

ٻئي پاسي اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هنن غزا جي سرحد ويجهو فوج گڏ ڪري ڇڏي آهي جن ۾ 3 لک رضاڪار به شامل آهن.

غزا ۾ بجلي، پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جي سپلاءِ بند آهي جڏهن ته غزا ۾ اڪيلو بجلي به ٻارڻ ختم ٿيڻ بعد بند ٿي ويو آهي.

هن وقت عذا جا لکين ماڻهو اسپتالن ۽ اسڪولن ۾ ويٺل آهن جن مان وڏي پئماني تي زخمي آهن ۽ اسرائيل جا حملا جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.