هاڻ پاڪ-ڀارت وچ ۾ سخت ٽاڪرو ٿيندو: ڀارتي تجزيي نگار

ڀارتي تجزئي نگارن طرفان ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سريلنڪا خلاف تاريخي فتح 14 آڪٽوبر تي ڀارت خلاف ميچ کان اڳ سٺي تياري قرار ڏئي ڇڏيو.

ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي اٺين ميچ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا خلاف دٻاءُ سان ڀرپور مئچ ۾ تاريخي فتح حاصل ڪئي هئي.

سريلنڪا خلاف شاندار فتح تي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽرن عرفان پٺاڻ، محمد ڪيف، وسيم جعفر ۽ سنجي منجريڪر به پاڪستاني بيٽرز جي ساراهه ڪئي.

ان کانسواءِ سهواگ به سوشل ميڊيا تي پاڪستاني ٽيم کي ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون.

محمد ڪيف ايڪس تي لکيو ته بيٽنگ اِئين ٿيندي آهي، اوهان پنهنجي اننگز کي آڳتي وڌايو ۽ اٽيڪ ڪرڻ لاءِ بهترين وقت ۽ بالر جو انتظار ڪريو، رضوان بهترين رٿابندي سان زبردست اننگ کيڏي هو ٽيم لاءِ سدائين موجود رهندو آهي.

سنجي منجريڪر لکيو ته جڏهن رضوان کي تڪليف شروع ٿي ته سريلنڪا وارن کي اندازو ٿي ويو هو ته هو هاڻي پريشان آهي، ڇا ته زبردست ميچ هئي، پاڪستان شاندار فتح حاصل ڪئي.

مشهور ڀارتي تجزيي نگار آڪاش چوپڙا، وڪرانت گپتا، هرشا ڀوگلي به پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪاميابي تي سوشل ميڊيا ذريعي شاهينن بابت بيان ڏنا.

وڪرانت گپتا رضوان کي پاڪستان لاءِ حقيقي ميچ ونر قرار ڏيندي لکيو ته هو ڪڏهن به هار ناهي مڃيندو، نوان مثال قائم ڪندو آهي ۽ پنهنجي پسنديدا شاٽ سوئپ کي اڃا وڌيڪ بهتر بڻائيندو آهي، هاڻ پاڪستان 7 ڀارت وڇ ۾ سخت مقابلو ٿيندو.

آڪاش چوپڙا به سوشل ميڊيا پيغام ۾ لکيو ته عبدالله شفيق موقعي جو ڀرپور فائدو ورتو، هو پيس بالرن خلاف مضبوط ۽ اسپنرن خلاف پراعتماد نظر اچي ٿو.

ڀارتي ڪامينٽيٽر لکيو ته محمد رضوان هڪ شاندار ڪرڪيٽر آهي، آزمائش مان بهترين طريقي سان ٻاهر نڪرندو آهي، پاڪستان ڏاڍي شاندار نموني هدف ماڻيو ۽ پاڻ کي 14 آڪٽوبر واري ميچ لاءِ سٺو تيار ڪري ورتو آهي.

ياد رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ 14 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.