انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

دبئي( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ون ڊي پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.

آءِ سي سي موجب، ون ڊي بيٽرز ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي 835 پوائنٽ سان پهرين پوزيشن برقرار آهي جڏهن شُڀمَن گِل 830 ريٽنگ پوائنٽ سان ٻئي نمبر تي موجود آهي.

ڏکڻ آفريڪا جو وين ڊر ڊوسن 758 پوائنٽس ٽين پوزيشن تي موجود آهي جڏهن ته قومي ٽيم جو اوپنر امام الحق ٻه درجا وڃائڻ بعد ستين کان نائين نمبر تي هليو ويو آهي.

آئوٽ آف فارم فخر زمان به ٻه درجا وڃائڻ بعد 11 کان 13 هين نمبر ي اچي ويو آهي.

بالرن ۾ آسٽريليا جي جوش هيزل ووڊ پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته پاڪستاني پيسر شاهين آفريدي هڪ درجو وڃائڻ بعد ٽاپ ٽين مان ٻاهر ٿيندي 11 هين نمبر تي اچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.