ايوارڊ شوز ۾ ناهيان ويندي ڇو جو؟، سونيا حسين وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اداڪارا سونيا حسين چيو آهي ته ايوارڊ شوز ۾ وڃڻ جو ڪو به فائدو ناهي ڇو جو ايوارڊ شوز ۾ اهي اداڪار ويندا آهن جن کي ايوارڊز ملندا آهن.
اداڪارا سونيا حسين تازو ئي هڪ نجي ٽي وي چينل جي شو ۾ شرڪت دوران ميزبان جي سوال تي ٻڌايو ته ”هوءَ ايوارڊ شو ۾ ناهي ويندي“.
ميزبان پاران اداڪارا کان سوال ڪيو ويو ته اوهان فلم اداڪارا جي ڪيٽيگري ۾ نامزد هيئو پوءِ به اوهان نه ويئو؟ جنهن تي اداڪارا جو چوڻ هو ته ايوارڊ شوز ۾ وڃڻ جو ڪو به فائدو ناهي، ڇو جو اُهي اداڪار ايوارڊ شو ۾ ويندا آهن جن کي ايوارڊز ملندا آهن ان ڪري آئون ايوارڊ شوز ۾ ناهيان ويندي.
اداڪارا جو ڏنل بيان سوشل ميڊيا تي گھڻو وائرل ٿيو هو، اداڪارا جي وائرل ٿيل بيان جو اسڪرين شاٽ سليبرٽي ميڪ اپ آرٽسٽ ارشد خان پنهنجي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو.
ارشد خان اسٽوري ۾ سونيا حسين جي ڪم کي ساراهيندي لکيو ته سونيا گھڻي خوبصورت ۽ قابل اداڪارا آهي، ايوارڊز حيثيت نٿا رکن، اسان کي اوهان سان محبت آهي.
ميڪ اپ آرٽسٽ جي اسٽوري جو اسڪرين ساٽ پنهنجي انسٽا اسٽوري تي شيئر ڪندي اداڪارا جواب ڏنو ته حقيقت اها آهي ته اوهان سڀ اسان جا ايوارڊز آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.