ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو مسلسل اٺون هاڪاري ڏينهن رهيو.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو بئنڪ مارڪ 100 انڊيڪس 334 پوائنٽون واڌ سان 48 هزار 474 تي بند ٿيو.
100 انڊيڪس گذريل 8 ڪاروباري ڏينهن ۾ 2241 پوائنٽون وڌيو آهي.
شيئر بازار ۾ اڄ 39 ڪروڙ 64 لک شيئر جا سودا ٿيا، جن جي ماليت 10 ارب 52 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رهي.
مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 52 ارب رپيا وڌي 7 هزار 141 ارب رپيا آهي.
You might also like