ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، تازن لوڏن جي شدت وري 6.3 رڪارڊ ڪئي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل هفتي افغانستان جي صوبي هرات ۾ شديد زلزلو آيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 هزار جانيون ضايع ٿي ويون ۽ وڏي پئماني تي مالي نقصان به ٿيو.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مقامي وقت موجب اربع جي صبح 5 لڳي 10 منٽن تي هڪ ڀيرو ٻيهر زلزلي سبب تباهه ٿيل هرات لُڏي ويو، جتي زلزلي جي شدت 6.3 رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته افغانستان جي اولهه صوبي ۾ ايندڙ زلزلي جي اونهائي 10 ڪلو ميٽر هئي، جنهن جي نتيجي ۾ هيل تائين 8 ڄڻا زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
You might also like