اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )سرحدي ۽ رياستي معاملن واري وزارت (سيفران) صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد انتظاميا ڏانهن خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ قانوني دستاويز رکندڙ افغان پناهگيرن کي جبري واپس نه موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي.
افغان پناهگيرن جي مبينا گرفتارين واري معاملي تي سيفران وزارت خط ۾ لکيو ته تمام صوبا اِها خاطري ڪرائين ته قانوني افغان پناهگيرن کي هراسان نه ڪيو ويندو. پروف آف رجسٽريشن ۽ افغان سيٽيزن ڪارڊ وارن کي عارضي طور رهڻ جي اجازت آهي.
وزارت سيفران خط ۾ چئني صوبن سميت لاڳاپيل ادارن کي اماڻيندي چيو ته اهڙن افغان شهرين جن وٽ دستاويزن هجن سندن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وڃي.
خط موجب، پي او آر يا اي سي سي ڪارڊ رکندڙ افغاني پاڪستان ۾ رهي سگهن ٿا.
وزارت سيفران جو چوڻ آهي ته قانوني دستاويز رکندڙ افغان پناهگيرن کي تحفظ حاصل هوندو.
خط موجب، وفاقي ڪابينا جي ايندڙ فيصلي تائين رجسٽرڊ پناهگير عارضي طور رهي سگهن ٿا، رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي گرفتار يا تنگ نه ڪيو وڃي.
You might also like