سريلنڪا خلاف تاريخي فتح، محمد رضوان، سعيد انور جي ڪهڙي صلاح تي عمل ڪيو؟

حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان جو چوڻ آهي ته کيس سعيد انور صلاح ڏني هئي ته ڀارتي وڪيٽن بابت سوچڻ ڇڏي ڏيان.

پي سي بي جي ڊجيٽل ميڊيا سان گفتگو ڪندي محمد رضوان ٻڌايو ته ليجنڊ ڪرڪيٽر سعيد انور ڀارت ۾ تمام گهڻيون رنسون ٺاهيون آهن ۽ ميچ بابت سعيد انور سميت تمام سينيئر پليئرز سان رابطو ڪيو هو.

رضوان موجب، سعيد انور کيس چيو هو ته پنهنجي پلان مطابق کيڏڻ سان ڪاميابي ملندي، ڀارتي وڪيٽن بابت سوچڻ ڇڏي ڏيو.

عبدالله شفيق سان بهترين ڀائواري قائم ڪرڻ بابت محمد رضوان چيو ته هن عبدالله کي چيو ته اسڪور بورڊ ڏانهن نه ڏسو پنهنجي گيم کيڏو، پلان هيو ته شروعاتي ويهه اوورن ۾ سئو رنسون ٺاهڻيون آهن، عبدالله جي اننگز شاندار هئي جنهن ڪري ڪاميابي ملي.

ٻئي پاسي عبدالله شفيق چيو ته تمام ٽيم جي سپورٽ حاصل هئي انڪري ڪاميابي ملي، ڊگهي عرصي کان موقعو ملڻ جو انتظار ڪري رهيو هيس.

هن چيو ته شروع ۾ وڪيٽون ڪِرڻ سبب دٻاءُ ۾ اچي ويو هيس پر رضوان اهڙي صورتحال مان پهريان به گذري چڪو آهي، رضوان ئي پلان ترتيب ڏنو ته ڊگهي ڀائيواري قائم ڪرڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.