ورلڊ ڪپ: ڀارت خلاف ميچ ۾ افغان ڪرڪيٽرز ٻانهن تي ڪاري پٽي ٻڌي ڇو کيڏي رهيا آهن؟

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي نائين ميچ ۾ اڄ افغانستان ۽ ڀارت جون ڪرڪيٽ ٽيمون آمهون سامهون آهن.

اِها ميچ نئين دهلي جي ارون جيٽلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي پئي وڃي ۽ افغانستان جا رانديگر ميچ ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي ميدان تي لٿا آهن.

افغان رانديگرن جي ڪارين پٽين واري معاملي تي ڪرڪيٽ شوقين جي دماغ ۾ اِهو سوال پيدا ٿي رهيو آهي ته افغان رانديگرن ٻانهن تي ڪاري پٽي ڇو ٻڌي آهي؟ .

رپورٽن موجب، افغان رانديگرن ڪجهه ڏينهن اڳ افغانستان ۾ آيل بدترين زلزلي جي متاثرن جي سوڳ ۾ ٻانهن تي ڪاري پٽي ٻڌي آهي.

طالبان موجب، گذريل هفتي افغانستان جي صوبي هرات ۾ شديد زلزلو آيو جنهن انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.