اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا سهيل ناصر جي ڊپٽي چيئرمين نيب طور مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
اسلام آباد ۾ نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 3 آڪٽوبر واري فيصلي جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب، ڪابينا سهيل ناصر کي ڊپٽي چيئرمين نيب ۽ احتشام قادر کي پراسيڪيوٽر جنرل نيب مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.