اسرائيل کي ڌوڏي ڇڏيندڙ حماس جي سربراهه وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

غزا ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيل خلاف مزاحمت ڪندڙ فلسطيني تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هانيا جو چوڻ آهي ته جنگ ختم ٿيڻ تائين قيدين جي ڏي وٺ نه ڪئي ويندي.

هڪ بيان ۾ حماس جي سربراهه اسماعيل هانيا چيو ته ڪجهه مُلڪن طرفان قيدين جي آزادي جي حوالي سان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪيو ويو آهي پر جنگ ختم ٿيڻ تائين قيدين جي ڏي وٺ نه ڪئي ويندي ۽ جڏهن به قيدين جي ڏي وٺ ٿيندي ته قيدين جي قيمت حماس طئي ڪندي.

اسماعيل هانيا غزا جي عوام جي فلسطين ڪاز لاءِ قربانيون ڏيڻ واري جذبي کي ساراهندي چيو ته حماس جي ڪارروائين جي جواب ۾ اسرائيل جا جوابي حملا صيهوني رياست جي شڪست جي عڪاسي ڪري رهيا آهن.

ٻئي پاسي قطر جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ حماس قيدين جي ڏي وٺ بابت گفتگو وقت کان اڳ آهي، اِهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته ڪا به ڌر ٽياڪڙي جي شروعات ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.