غزا ( ويب ڊيسڪ ) غزا تي اسرائيلي جارحيت سبب شهيد ٿيل فلسطينن جو انگ هڪ هزار کان ٽپي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيل طرفان فلسطين کي ڏاکڻي شهر خان يونس تي هوائي حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 16 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
مقامي ميڊيا موجب، اسرائيلي هوائي فوج ال آغا ۽ ابو صاحب جي گهراڻن تي بنا ڪنهن وارننگ جي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ گهرن ۾ موجود اٺ ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
فلسطيني صحت واري وزارت موجب، اسرائيلي حملن ۾ سبب شهيد ٿيندڙ فلسطينن جو انگ هڪ هزار 55 ٿي ويو آهي جڏهن ته پنج هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهري زخمي آهن.
ٻئي پاسي اسرائيلي فوج حماس سان جاري ويڙهه ۾ هنيئر تائين 1200 ماڻهن جي مارجڻ ۽ 2800 کان وڌيڪ شهرين جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
مقامي صحافين جو چوڻ آهي ته غزا جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب کان خراب تر ٿيندي پئي وڃي جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ نه آهن.
مقامي صحافين موجب، غزا جون گهٽيون ويران آهن ۽ خوف ۽ هراس ۾ مبتلا شهري بنيادي ضرورتن کان به محروم آهن.
صحافين جو چوڻ هو ته اسرائيلي جارحيت سبب غزا ۾ ڪو به هنڌ محفوظ ناهي رهيو جنهن سبب ڊاڪٽرز ۽ ايمرجنسي ورڪرز کي سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.