پي آءِ اي نجڪاري مامرو، وزيرِاعظم اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) نگران وزيراعظم پي آءِ اي جي نجڪاري وارو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي ايئر لائين پي آءِ اي بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم پي آءِ اي معاملن تي فيصلا سازي ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم چيو ته مُلڪ معاشي ڏکيائين ۾ آهي ۽ قومي ادارن جو خسارو وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي، عوام جي ٽئڪسن ذريعي انهن ادارن جو خسارو پورو ڪرڻ وڌيڪ ممڪن ناهي.
انوار الحق جو چوڻ هو ته پي آءِ اي ۽ خساري وارن ٻين سرڪاري ادارن ( ايس او ايز ) جي نجڪاري وارو عمل وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، هوابازي واري شعبي ۾ سڌارن سان عوامکي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪري سگهبيون.
نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته نجاري جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته خساري جي ذميوارن جو تعين تمام ضروري آهي ته جيئن ان جي تدارڪ لاءِ قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.