ملالا يوسفزئي حماس-اسرائيل جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) نوبيل انعام يافته سماجي ڪارڪن ملالا يوسفزئي حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ فوري طور جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي.

ملالا يوسفزئي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي بيان جاري ڪيو ۽ چيو ته ڪجهه ڏينهن  دوران دل ڌوڏيندڙ خبرون ڏٺيون آهن، ان دوران منهنجو ڌيان فلسطيني ۽ اسرائيلي ٻارن ڏانهن آهي جيڪي جنگ سبب سخت متاثر ٿيا آهن.

جنگبندي جو مطالبو ڪندي ملالا پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪيو ۽ لکيو ته مان سورنهن سالن جي هيس جڏهن پنهنجي ڀرپاسي دهشتگردي ۽ تشدد جهڙو ماحول ڏٺو، مارٽر گولن جي آوازن جي گونج سان اسان جي صبح ٿيندي هئي.

هن چيوته پنهجي اسڪول ۽ مسجدن کي بمن سان تباهه ٿيندو ڏٺو، امن هڪ اهڙي شيءِ بڻجي ويو آهي جنهن جو اسان رڳي خواب ئي ڏسي سگهون ٿا.

سندس چوڻ هوته جنگ سدائين ٻارن تي اثرانداز ٿيندي آهي پوءِ اھُي اسرائيل مان کنڀيل ٻار هجن يا غزا ۾ هوائي حملن جي ڊپ سبب لڪيل يا خوراڪ ۽ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ ٻار هجن.

سماجي ڪارڪن وڌيڪ لکيو ته اڄ هوءَ تمام ٻارن ۽ ماڻهن لاءِ ڏُکاري آهي جيڪي مقدس سرزمين ۾ امن ۽ انصاف جا خواهشمند آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.