شڪارپور (ويب ڊيسڪ ) شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ڪوٽ شاهو ۾ پوليس ٿاڻي تي ڌاڙيلن حملو ڪري ڏنو، ڌاڙيل ايس ايڇ او، سندس پٽ ۽ 3 اهلڪار اغوا ڪري فرار ٿي ويا.
خان پور ڀرسان ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي ڌاڙيلن حملو ڪري پوليس عملي کي يرغمال بڻائي ورتو، هٿياربند ايس ايڇ او سميت 5 ڄڻن کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا.
ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ٿاڻي تان اغوا ٿيلن ۾ ايس ايڇ او محبوب بروهي، سندس پٽ محمد بروهي، وڏو منشي نسيم گوپانگ، اهلڪار جان محمد بکراڻي ۽ اياز علي ڪنڀر شامل آهن.
اختيارين موجب ٿاڻي جي احاطي ۾ ئي ڌاڙيلن پوليس جي فيملي ڪوارٽرز وٽان ايس ايڇ او جي پٽ محمد بروهي کي اغوا ڪيو، ڌاڙيل ٿاڻي ۾ موجود سرڪاري هٿيار به کڻي ويا.
اطلاع ملندي ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي پوليس جي اٽالن سميت واقعي واري هنڌ پهتو ۽ پيرا کڻائي ڪچي طرف روانو ٿي ويو.
ٻئي پاسي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس جي وڏي نفري ڪوٽ شاهو واري علائقي ۾ طلب ڪري ورتي آهي.