لاهور(مانيٽرنگ ڊيڪ ) سينيئر وڪيل اعتراز احسن سائفر ڪيس کي مڪمل ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته اهڙو ڪو به ڪيس ناهي، عمران خان کي لهرائڻ بدران سائفر ڏيکارڻ گهرجي ها.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته وزيراعظم جو آئيني حق آهي ته هو رازداري واري دستاويز کي عام ڪري.اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن شيئر ڪرڻ جو ارادو هجي ته پبلسٽي ڪري سگهجي ٿي.
ڊونلڊ لو چيو هو ته چيئرمين پي ٽي آءِ کي بي اعتمادي ۾ شڪست ڏيڻي آهي.هن چيو ته حڪومت باضابطه طور تي آمريڪا خلاف سائفر تي احتجاج ڪيو آهي، جيڪڏهن احتجاج ڪيو آهي ته ان جو مطلب آهي ته ان کي واشنگٽن مان اها ڌمڪي ملي آهي.
هن چيو ته چونڊون نه ٿينديون،ان ڪري اميدوار خرچ نه ڪن، جيل مان ڀڳل شخص کي ڪير به گرفتار ڪري سگهي ٿو، نوازشريف کي گرفتار ڪري سڌو جيل موڪليو وڃي،