ڪوٽڙي/ ٽنڊوغلام حيدر(جبار ڪابورو+ غلام مرتضي لغاري) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جو ڪوٽڙي پهچڻ تي وک وک تي استقبال ڪيو ويو،جلسي کي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ موجود افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي واپس پنهنجي ڏيھه موڪليو وڃي، سنڌ ۾ موجود افغانين سميت سمورا ڌاريا سنڌ جي وجود تي بار آهن، سنڌ جي وسيلن تي بار آهن،ڌاري آبادي سبب سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڌارين کي بحريا ٽائون جهڙا منصوبا ٺاهي آباد ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اڄ ڪوٽڙي جي رستن تي هئا سين ڏٺوسين ته شهر کي کنڊر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، روڊ رستا ۽ گهٽيون تباھ لڳيون پيو آهن، شهرن جي ترقيءَ ۽ ڊولپمينٽ لاءِ ايندڙ پيسا ۽ بجيٽ هڙپ ڪئي ٿي، اسڪولن ۾ تعليم ناهي، بک، بدحالي، بيروزگاري سبب نوجوان خودڪشيون ڪري رهيا آهن خاڻوٺ ۾ قتل ٿيل معصوم ٻارڙي جي مذمت ٿو ڪريان جلسي کي امجد خان مهيسر، ديدار شام، ڏاڏو اطھر سومرو، اشرف ڪلھوڙو، غلام نبي کٽي ۽ ٻين خطاب ڪيو، هوڏانهن ڌارين جي آباد ڪاري معصوم پريا ڪماري سميت سمورن مغوين جي بازيابي لاء 15 آڪٽوبر حيدرآباد ۾ رٿيل ڌرڻي جي سلسلي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ٽنڊو غلام حيدر جي مويا شھر پھتو جسقم ڪارڪنن ۽ شھرين طرفان سندن شاندار استقبال ڪيو ويو ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ آندي وئي آھي