ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر) سنڌ ۾ ڪتا کسي ڪرڻ واري منصوبو رولڙي جو شڪار ٿيڻ لڳو، َ الڪيشن ڪميشن جي بندش سبب پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر نه ٿي سگهيو، جڏهن ته منصوبي تي ڪانٽريڪٽ بنيادن تي رکيل 30 جي لڳ ڀڳ اسٽاف کي گذريل 6 مهينن کان پگهار نه ملڻ ڪري ملازم فاڪا ڪشي واري صورتحال ۾ اچي ويا آهن. مڪاني کاتي جي ماتحت اداري ڪلڪ ۾ڪتا کسي ڪرڻ واري منصوبي لاءَ اليڪشن ڪميشن جي بندش سبب پروجيڪٽ ڊائريڪٽر”پي ڊي“ جي مقرري نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب سنڌ ۾ هڪ لک ڪتا کسي ڪرڻ وارو منصوبو هڪ دفعو وري رولڙي جو شڪار ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي،نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ڪلڪ ۾ مقرر آفيسرن روزاني عوامي آواز کي ٻڌايو ته ڪتا کسي واري منصوبي لاءَ پي ڊي جي مقرري ٿيڻ واري هئي جيڪا ڪي ايم سي مان هڪ عورت کي فائنل ڪيو ويو هو پر اليڪشن ڪميشن طرفان مڪاني چونڊن واري مرحلي سبب مقررين ۽ بدلين تي پابندي وجهڻ ڪري اها مقرري نه ٿي سگهي آهي ، جڏهن ته گذريل 6 هن مهينن کان ڪلڪ ۾ ڪم ڪندڙ 30 جي لڳ ڀڳ وٽنري توڙي ٻي اسٽاف کي هن وقت تائين پگهارون نه ملي سگهيون آهن جنهن ڪري ملازمن جي فاڪا ڪشي واري صورتحال ٿي وئي آهي، ڪتا کسي ڪرڻ واري منصوبي ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٻن عورتن آفيسرياڻين ٻڌايو ته 6 مهينن کان آفيس اچون ٿا پر پگهار ڏيڻ بابت ڪنهن کي دانهن ڏيون، جڏهن ته ڪتا مار منصوبي لاءَ مڪاني کاتي جي اداري ڪلڪ ۾ سنڌ ليول تي ڪتا کسي ڪرڻ واري منصوبي لاءَ 173 آفيسر ۽ ٻيو اسٽاف کنيو ويندو جنهن ۾ 20هين گريڊ جو پي ڊي، 19 هين گريڊ جو ڊپٽي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر،هڪ 7 گريڊ جو فنانس آفيسر، 20 وٽنري آفيسر، 20 او ٽي ٽيڪنيشن،20 ڊي اي او اسٽاف، 21 عدد ڊرائيور،21 نائب قاصد، 60 ڪتا پڪڙندڙ اسٽاف ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن انهن جي پگهارن لاءَ ايندڙ ٻن سالن جي بجٽ23 ڪروڙ 84 لک 97 هزار روپيا رکيا ويا آهن. ٽوٽل ملازمن کي هڪ مهيني جي پگهار جي مد ۾ 96 لک 95 هزار جڏهن ته پهرين سال لاءَ پگهارن جي مد ۾ 11 ڪروڙ 63 لک 40 هزار روپيا، ٻئي سال جي لاءَ 12 ڪروڙ 21 لک 57 هزار روپيا رکيا ويا آهن.