عزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل فلسطيني شهري آبادي کي فاسفورس بمن سان نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو.
عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب فلسطيني عورت جميلا ابوزا نونا ڳالهائيندي چيو ته عزا ۾ اسان خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون، گھرن کان ٻاهر نٿا نڪري سگھون ڇو جو ڪيميائي هٿيارن جو استعمال ٿي رهيو آهي.
فلسطيني عورت جو چوڻ هو ته ڪيميائي هٿيارن جي استعمال سبب ٻار مري رهيا آهن، ماڻهو اسپتالن ۽ گڏيل قومن جي اسڪولن ڏانهن وڃي رهيا آهن پر اُهي به محفوظ ناهن اتي به بمباري ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته رفه ڪراسنگ پوائنٽ کي نشانو بڻائڻ کان پوءِ عزا ۾ ڪو به هنڌ محفوظ ناهي، اسان هن وقت بنيادي طور تي هڪ بند جيل ۾ آهيون جتي هر وقت بم ڪِري رهيا آهن.
Prev Post
You might also like