ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جو ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن شو ”ڪون بني گا ڪروڙ پتي“ دوران لڙڪ لاڙي ويٺو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب سوني ٽي وي طرفان انسٽاگرام تي ”ڪون بني گا ڪروڙ پتي، شو جو پرومو جاري ڪيو ويو جنهن ۾ اميتاڀ بچن جي 81 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي.
اميتاڀ جي سالگرهه جي موقعي تي وديا بالن، وڪي ڪوشل، بومن ايراني، چرن جيوي ۽ ٻين شوبز شخصيتن طرفان اداڪار کي سالگرهه جون مبارڪون ڏيڻ لاءِ وڊيو پيغام هلايا ويا.
View this post on Instagram
بگ بي پنهنجي سالگرهه ملهائڻ تي لڙڪ لاڙي ويٺو ۽ چوڻ لڳو ته ”اڃا ڪيترو روئاريندئو اوهان، هاڻي بس ڪريو، آئون سڀني کي ٽشو ڏيندو آهيان ۽ اڄ منهنجو وارو اچي ويو“.
اميتاڀ بچن جو چوڻ هو ته جڏهن ڪون بني گا ڪروڙپتي جي سيٽ تي منهنجو جنم ڏڻ ملهايو ويدو آهي ته سدائين مون لاءِ بهترين هوندو آهي.