پيوٽن فلسطين اسرائيل جنگ جو سبب آمريڪا کي قرار ڏئي ڇڏيو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جنگ کي آمريڪا جي ناڪام پرڏيهي پاليسي جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب روس دوري تي آيل عراقي وزيراعطم محمد السوداني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ولاديمير پيوٽن چيو ته منهنجي ان ڳالهه سان گھڻا ماڻهو اتفاق ڪندا ته اها وچ اوڀر ۾ تازي جنگ آمريڪي پاليسين جي ناڪامي جو هڪ روشن مثال آهي.
هن چيو ته آمريڪا ٺاهه تي پنهنجو غلبو قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر افوس جو اهڙو رستو ڪڍڻ جي زحمت نه ڪئي جيڪو ٻنهي ڌرين لاءِ قبول ڪرڻ جوڳو هجي.
سندس چوڻ هو ته ان جي ابتڙ ڌرين تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ آمريڪا پنهنجي نظريي کي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي ڪيئن ڪرڻ گھرجي.
پيوٽن چيو ته آمريڪا نه رڳو هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام لاءِ گڏيل قومن جي ٺهرائن کي نظرانداز ڪيو پر فلسطيني عوام جي اهم مفادن کي به نظر ۾ رکڻ ۾ ناڪام رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.