زرين خان کي عدالت مان وڏو رليف ملي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا زرين خان کي دوکو ڏيڻ جي ڪيس ۾ عدالت کان وڏو رليف ملي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪولڪتا جي عدالت دوکو ڏيڻ جي ڪيس ۾ اداڪارا زرين خان جي گرفتاري جا وارنث رد ڪري ڇڏيا.
اداڪارا زرين خان تي الزام هو ته هن ڪولڪتا جي هڪ ايونٽ مئنيجمينٽ ڪمپني کان 6 تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ساڍا ٻارنهن لک رپيا وصول ڪيا هئا پر هوءَ تقريبن ۾ شريڪ نه ٿي هئي. زرين خان گرفتاري وارنٽن بابت لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته هن جي قانوني ٽيم ان معاملي کي ڏسندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.