آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جي نامزدگين جو اعلان، پاڪستان جو ڪو به ڪرڪيٽر شامل ناهي

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سپٽيمبر جي مهيني جي مين ۽ وومين پليئر آف دي منٿ جي نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو.

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، نامزدگين ۾ پاڪستان جو ڪو به رانديگر شامل ناهي جڏهن ته ڀارت جي ٻن ڪرڪيٽرن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

نامزدگين جو اعلان رانديگرن جي سپٽيمبر جي مهيني جي ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪيو ويو، ڀارت جي شُڀمَن گِل ۽ مهمد سراج پليئر آف دي منٿ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

انکانسواءِ انگلينڊ جي ڊيوڊ ملان کي به پليئر آف دي منٿ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.