نيپا وائرس کان تحفظ لاءِ ڊي جي هيلٿ هدايت نامو جاري ڪيو آهي جنهن موجب نيپا وائرس جانورن مان انسانن ۾ پکڙجندو آهي.
هدايت نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته علامتن ۾ بخار، مٿي ۾ سور، جسم ۾ سور ۽ الٽيون شامل آهن، مريض ۾ علامتون 5 کان 14 ڏينهن دوران ظاهر ٿينديون آهن.
مريض بي هوشي ۽ ذهني طور تي عدم توازن جو شڪار ٿي ويندو آهي، جڏهن ته 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ مريض ڪوما ۾ به وڃي سگھي ٿو.
هدايت نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيپا وائرس جي علاج لاءِ اينٽي وائرل في الحال دستياب ناهي، وائرس کان بچاءَ لاءِ تصديق ٿيل ويڪسين به موجود ناهي.
ڀارت، بنگلاديش، ملائيشيا ۽ فلپائن ۾ نيپا وائرس جا ڪيس سامهون آيا آهن، پاڪستان ۾ هيل تائين نيپا وائرس جو ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو.
ڊي جي هيلٿ طرفان جاري ڪيل هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته وائرس کي روڪڻ لاءِ هوائي اڏن جي نگراني ڪئي وڃي.
اسپتالن، ڪلينڪس ۽ ليبارٽريز سان سلهاڙيل ماڻهن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته ڍورن ۾ کير جو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن کي به محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ماهرن چيو آهي ته فروٽ کي سٺي طريقي سان ڌوئي کائو ۽ هٿن جي صفائي جو خيال رکو.
You might also like