پاڪستاني صحافين جي ويزائن ۾ دير وارو مامرو، ڀارتي صحافي جي مُلڪي پاليسين تي ڇتي تنقيد

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع دوران پاڪستاني صحافين جي ويزائن ۾ دير تي ڀارتي صحافي به خاموشي ٽوڙي ڇڏي.

سينيئر ڀارتي صحافي راج ديپ سرديسائي پاڪستاني صحافين کي ويزا نه ملڻ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ڀارت ۾ ورلڊ کيڏي رهيو آهي انڪري پاڪستاني صحافين کي ويزا ڏيڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

راج ديپ سرديسائي صحافي ڇو سياسي ڇڪتاڻ جو شڪار ٿين؟ اسان کي سٺن ميزبانن وارو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي.

ڀارتي صحافي پاڪستان کي به درخواست ڪندي چيو ته مان مستقبل ۾ اسلام آباد مان به اهڙي ئي اميد رکندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.