سٺي خبر، کنڊ وڌيڪ سستي ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ذخيري اندوزن ۽ منافعي خورن خلاف ڪريڪ ڊائون جا زبردست نتيجا سامهون اچڻ لڳا، کنڊ 7 رپيا في ڪلو سستي ٿي وئي.
ڪراچي ۾ ذخيري اندوزي ڪندڙ منافعي خورن خلاف ڪارروائيون تيز ٿيڻ سبب کنڊ جي اگهن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي.
هول سيل ۾ کنڊ 7 رپيا سستي ٿيڻ کانپوءِ 145 رپين مان گهٽجي 138 رپيا في ڪلو تائين اچي وئي.
سول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جي 50 ڪلو ٻوري 6 هزار 900 رپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.