” نسيم شاهه کي نيٺ رحم اچي ويو“

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم ڪرڪيٽ جي فاسٽ بالر نسيم شاهه ايشيا ڪپ ۾ انجري سبب ورلڊ ڪپ کيڏڻ کان محروم ٿي ويو پر سندس مداح ميدان کان ٻاهر هئڻ باوجود کيس ناهن وساري سگهيا ، اهڙي هڪ جذباتي پرستار کي نسيم شاهه طرفان ملڻ وارو جواب ٻين واهپيدارن کي به خوش ڪري ڇڏيو.

بهترين ڪارڪردگي ذريعي نه رڳو پاڪستان پر سموري دنيا ۾ مداح جو رکندڙ نسيم شاهه جو هڪ فالوور کيس باقاعدگي سان سوشل ميڊيا تي پيغام موڪليندو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي سجل نالي مداح طرفان مستقل مزاجي روز نسيم شاهه لاءِ هڪ پوسٽ ڪئي ويندي آهي.

تازين ٽوئيٽس ۾ سجل جو چوڻ هو ته اڄ سندس پوسٽ جو 267 هون ڏينهن آهي ۽ نسيم شاهه جو جواب اچڻ تائين اِهو سلسل جاري رهندو.

هاڻ سجل جي ٽوئيٽ تي فاسٽ بالر نسيم شاهه دلچسپ جواب ۾ لکيو ته سندس خواهش هئي ته پرستار اِهو سلسلو هڪ سال تائين جاري رکي، پر هاڻي وقفو ضروري آهي.

جواب ملڻ تي خوشي سان سرشار مداح نسيم شاهه جا ٿورا مڃيندي سندس تڪڙي صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

نسيم شاهه جي جواب تي ٻين واهپيدارن لکيو ته نيٺ نسيم شاهه کي رحم اچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.