پشاور (ويب ڊيسڪ) حڪومتي مهلت کانپوءِ پاڪستان مان افغانين جي واپسيءَ ۾ تيزي اچي وئي ۽ هڪ هفتي دوران 6 هزار 500 کان وڌيڪ افغان واپس وڃي چڪا آهن.
افغان شهرين جي واپسي ۾ تيزي آڻڻ لاءِ خيبر پختونخواهه جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس پشاور ۾ ٿيو.
اجلاس جي صدارت ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري عابد مجيد ڪئي.
اهم گڏجاڻي ۾ افغان ڪمشنريٽ بريفنگ ڏيندي چيو ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي واپسي ۾ اميد کان وڌيڪ تيزي آئي آهي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته طورخم بارڊر تان روز 900 جي حساب سان افغان شهري واپس وڃي رهيا آهن.
افغان ڪمشنريٽ موجب هڪ هفتي ۾ 6500 کان وڌيڪ غير قانوني افغان شهري واپس وڃي چڪا آهن.
Prev Post
Next Post
You might also like