ڪراچي: ڪوريجا برادري جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر جي رابيا سٽي واسي ڪوريجا برادري بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڪوريجا برادري جي عورتن ۽ مردن جو پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي مظاهرين فرحانہ ياسمين، مزمل ڪوريجو ۽ ٻين ۽ الزام هڻندي چيو ته اسان جي گهر جو وڏو مبين ڪوريجو اسٽيٽ ايجنسي جو ڪاروبار ڪندو هو بااثرن اسان جي گهر جي وڏي کان هٿيار جي زور تي چيڪ ورتا ۽ پوءِ هن ان کي ڪوڙي ڪيس ۾ جيل اماڻي ڇڏيو.

هنن چيو ته بااثر ۽ ٻيا ماڻهو اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري اسان کي هراسان ڪري رهيا آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.