آمريڪا ٻوڏ کان پوءِ بحالي لاءِ هن وقت به سنڌ ۾ موجود آهي: آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته آمريڪا ٻوڏ کان پوءِ بحالي لاءِ هن وقت تائين سنڌ ۾ موجود آهي ۽ اسان هتي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اوهان جي ويزن ۾ سهڪار جي حوالي سان پرعزم آهيون.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاران جيڪب آباد ڀرسان ڳوٺ آدم خان پنهور ۾ يو ايس ايڊ جي سهڪار سان تعمير ڪيل اسڪول جو افتتاح ڪيو.

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي سفير جو چوڻ هو ته اسڪول جي افتتاحي تقريب ۾ شامل ٿي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. يو ايس ايڊ جي سنڌ جي بنيادي تعليم پروگرام جي سهڪار سان تعمير ٿيندڙ اهو 100 هون اسڪول آيه ان پروگرام جو مقصد عوام کي معياري تعليم حاصل ڪرڻ تائين پهچ فراهم ڪرڻ آهي.

هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته گذريل سان آيل تباهه ڪندڙ ٻوڏ سبب ٻار ۽ اسڪول خاص طور تي سخت متاثر ٿيا. ٻوڏ کان پوءِ اهو منهنجو سنڌ جو چوٿون دورو آئون چاهيان ٿو ته هر ڪو ڄاڻي وڄي ته آمريڪا اڃا تائين ٻوڏ کان پوءِ بحالي لاءِ هتي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.