ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اهم ۽ ان فارم بيٽ شُڀمَن گِل جي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان خلاف ميچ ۾ به شرڪت شڪي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڊينگي بخار ۾ مبتلا شُڀمَن گِل کي اسپتلا داخل ڪرايو ويو آهي، سندس پليٽيليٽس گهٽجڻ کانپوءِ کيس احتياطي طور چنائي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، شُڀمَن گِل کي سومر جي ڏينهن اسپتال داخل ڪيو ويو هو، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو طبي عملو مسلسل شُڀمَن گِل جي صحت جو جائزو وٺي رهيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، شُڀمَن گِل پاڪستان خلاف ميچ مان به ٻاهر ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن هو ٺيڪ ٿي وڃي ٿو ته هو چنائي کان ڊائريڪٽ احمد آباد ويندو.
ياد رهي ته شُڀمَن گِل ڊينگي بخار سبب آسٽريليا خلاف ميچ نه کيڏي هئي ۽ هو افغانستان خلاف ميچ مان پڻ ٻاهر ٿي چڪو آهي.
ميگا ايونٽ جو سڀ کان وڏو دنگل يعني پاڪ-ڀارت ميچ 14 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ شيڊيولڊ آهي.