پاڪستان ڪرڪيٽ جي ڪاميابي جو راز بابر اعظم آهي: رميز راجا

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪپتان رميز راجا بابر اعظم کي پاڪستان ۾ ايتري اهميت ملڻ جو سبب سندس ننڍي عمر ۾ڪامياب ڪپتاني کي قرار ڏئي ڇڏيو.

ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ دوران هڪ شو ۾ ميزبان رميز راجا کان سوا ڪيو ته اوهان کي بابر اعظم ايترو پسند جو اوهان ساڻس شادي جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو، ان تي رميز راجا ٻڌايو ته هن ساڻس محبت جو اظهار ڪيو.

رميز راجا بابر اعظم کي ساراهيندي چيو ته هن پاڪستان ڪرڪيٽ کي هڪ معيار ڏنو آهي، سندس ڳاڻيٽو دنيا جي وڏن وڏن بيٽرن ۾ ٿئي ٿو.

اڳوڻي پي سي بي چيئرمين چيو ته جڏهن بابر اعظم جهڙا ڪلاسيڪل بيٽر پاڪستان ۾ پيدا ٿيندا آهن ته اسان تمام گهڻو پرجوش ٿي ويندا آهيون ڇو ته بيٽرز پرڊيوس ڪرڻ ۾ پاڪستان سٺي تاريخ نٿو رکي.

هن چيو ته جيتوڻيڪ ڀارت اِها تاريخ رکي ٿو اِهو ئي سبب آهي جو ڀارتي ڪنهن نئين بيٽر کي ڏسي گهڻو پرجوش ناهن ٿيندا.

رميز راجا وڌيڪ چيو ته بابر اعظم کي ڏسي ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄن ڪو خزانو نڪري آيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته بابر اعظم ٽيم جا لاها چاڙها ڏسندي ٽيم کي سنڀاليو آهي، 28 ورهين جي عمر ۾ بابر ايتري ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي جو اڄ پاڪستان ڀارت سان مقابلو ڪري سگهي ٿو جنهن جو گهڻو ڪريڊٽ بابر اعظم ڏانهن وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.