اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ جو عمران خان کي پٽن سان فون تي ڳالهرائڻ کان انڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپرنٽنڊنڊٽ اڊيالا جيل پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان فون تي ڳالهه ٻول ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت جي جج ابول الحسنات ذوالقرنين تحريڪ انصاف جي چيئرمين سان اڊيالا جيل ۾ پٽن سان ٽيليفون تي رابطو ڪرائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ان سلسلي ۾ اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو.

جيل سپرنٽنڊنٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي پٽن سان فون تي ڳالهه ٻول ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ايس پي جيل چيو ته آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ تحت گرفتار جوابدارن جي ٻاهرين مُلڪ فون تي ڳالهرائڻ جي اجازت ناهي.

عدالت ج جج ابوالحسنات 18 آڪٽوبر تائين سپرنٽنڊنٽ اڊيالا جيل کي ايس او پيس جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.