نواز شريف جي ڏيهه واپسي لاءِ دبئي مان خاص جهاز بُڪ ڪرايو ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف جي ڏيهه واپسيءَ لاءِ دبئي مان اسپيشل جهاز بُڪ ڪرائڻ جي تصديق ٿي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جنهن خاص اڏام ذريعي پاڪستان پهچندو، ان کي ”اميد پاڪستان“ جو نالو ڏنو ويندو ۽ ان اسپيشل فلائيٽ ۾ تقريبن 150 ماڻهن جي گنجائش آهي.
ذريعن موجب نواز شريف عمري جي ادائيگي لاءِ سڀاڻي لنڊن کان سعودي عرب روانو ٿيندو، جتي تقريبن هڪ هفتي تائين هو سعودي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪندو، جڏهن ته اڳوڻو وزيراعظم سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري 17 يا 18 آڪٽوبر تي دبئي پهچندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جون دبئي ۾ به ملاقاتون طئي آهن، هو دبئي ۾ 3 ڏينهن رهڻ کانپوءِ 21 آڪٽوبر تي لاهور لاءِ روانو ٿيندو.
ذريعن موجب نواز شريف 21 آڪٽوبر تي پاڪستان وڃڻ لاءِ دبئي مان ليگي ڪارڪنن ۽ صحافين سان گڏ روانو ٿيندو، خاص اڏام دبئي کان اسلام آباد پهچي اڌ ڪلاڪ کانپوءِ لاهور لاءِ اڏام ڀريندي، جتي اڳوڻو وزيراعظم مينار پاڪستان تي جلسو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.