جائز حقن ۽ امن جي حاصلات لاءِ فلسطينن سان گڏ آهيون: سعودي ولي عهد

رياض( ويب ڊيسڪ ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد سلمان چيو آهي ته سعودي جائز حقن ۽ امن جي حاصلات لاءِ فلسطينن سان گڏ آهي.

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان فلسطيني صدر محمد عباس کي فون ڪيو جنهن دوران هن ٻڌايو ته هو اسرائيل فلسطين تڪرار وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

سعودي ولي عهد جو چوڻ هو ته سعودي عرب جائز حقن ۽ امن جي حاصلات لاءِ فلسطينن سان گڏ آهي.

محمد بن سلمان چيو ته اسان کي فلسطينن جي زندگي کي آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، شهزادي محمد بن سلمان مصري صدر عبدالفتاح السيسي ۽ اردن جي شاهه عبدالله ٻئين سان فون تي رابطو ڪري اسرائيل فلسطين تڪرار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.