نواز شريف جي ڏيهه واپسي تي گرفتاري جو ڪو چانس ناهي: اسحاق ڊار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته نواز شريف جي واپسي تي گرفتاري جو ڪو چانس ناهي.

نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ اسحاق ڊار چيو ته نواز شريف اربع جي ڏينهن سعودي عرب پهچندو، جتي هو عمرو ادا ڪندو ۽ مديني شريف ويندو، نواز شريف 21 هين آڪٽوبر تي پاڪستان پهچندو.

هن چيو ته نواز شريف جي ڏيهه واپسي تي سندس گرفتاري جو ڪو چانس ناهي، واپسي تي هو پروٽيڪٽڊ ڪسٽڊي ۽ ٽرانزٽ ضمانت وٺندو.

اسحاق ڊار ٻڌايو ته ايندڙ چونڊن ۾ واضح اڪثريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ معيشت جي بحالي بهترين انتقام ن ليگ جو بيانيو هوندو.

هن وڌيڪ چيو ته پروجيڪٽ عمران جي ڪردارن بابت سچائي ڪميشن اسان جي ايجنڊا ۾ شامل آهي پر ڪو اهڙو قدم نٿا کڻڻ چاهيون جنهن سان انتقام جي بوءِ اچي، سچائي ڪيمشن 2011 کان پروجيڪٽ عمران جي ڪردارن جون حقيقتون سامهون آڻيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.