نواز شريف وٽ وطن واپسيءَ کانسواءِ ڪو رستو ناهي بچو!

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  نواز شريف وٽ هاڻي وطن واپسيءَ کانسواءِ ٻيو رستو نه بچيو آهي.

نامياري صحافي رضوان رضي جو  چوڻ آهي ته نواز شريف کي پنهنجي سياست ۽ پارٽي بچائڻي آهي ته کيس وطن واپس اچڻو پوندو. اسٽيبلشمينٽ وٽ به چونڊون ڪرائڻ بنا ٻيو رستو نه آهي، ملڪ جي معيشت به هڪ چونڊيل حڪومت ئي بهتر ڪري سگهي ٿي.

ميان نواز شريف جو وطن ورڻ کان اڳ سعودي عرب، عرب امارات، قطر يا چين وڃڻ جو مقصد به اهو آهي ته هو انهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ  تي راضي ڪندو. جنهن سان معيشت ۾ بهتري اچڻ جا امڪان آهن.

نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ هن وقت نواز شريف جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪو اڳواڻ نظر نٿو اچي، ڇو ته عمران خان جيل ۾ آهي، پيپلز پارٽي نواز شريف سان مقابلي جي پوزيشن ۾ نه آهي. ان هوندي به فيصلو عوام کي ووٽ ذريعي ڪرڻو آهي. ڏسجي ته عوام  ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو.

.نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 10 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.