اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جي حق ۾ 3 کان 4 جج فيصلا ئتو ڪردار ادا ڪندا.
نامياري صحافي حسنات ملڪ جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ جي منظور ڪيل قانون تي شنواين دوران جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي خاموش آهن انهن جا ڪي خاص سوال يا ريمارڪس سامهون نه آيا آهن.
جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس منيب اختر قانون جي حوالي سان هڪ پاسي بيٺل آهن اهي قانون جي حق ۾ نه آهن، جڏهن ته جسٽس محمد علي مظهر قانون جي حق ۾ نظر اچي رهيو آهي. محسوس ٿي رهيو آهي ته 10 جج قانون جي حق ۾ ۽ 6 خلاف آهن.
.نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 10 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي