پيپلزپارٽي ۽ زرداري کي صرف اقتدار ۽ مال گهرجي: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي حيدرآباد ۾ سنڌ بچايو ملڪ بچايو جلسي جي ڪاميابي تي  ڪارڪنن ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آھي ته سنڌ بدلجي رھي آھي، سنڌ جا ماڻھو ڪرپٽ، استحصالي، عوام دشمن نظام کان تنگ ٿي چڪا آھن، ھر ڀيري سنڌ جي اقتدار تي مينيج ڪري ڪرپٽ ماڻھن کي مڙهيو وڃي ٿو، شفاف اليڪشن ڪرڻ نٿي ڏني وڃي، چونڊون شفاف ٿين ته عوام ڪرپٽ ماڻھن کي مڪمل رد ڪري ڇڏيندو. پيپلز پارٽي ۽ زرداري کي صرف اقتدار گھرجي ۽ مال گھرجي، ھنن کي سنڌ، سنڌي ماڻھو، زراعت، تعليم، روزگار ۽ وسيلن سان ڪو به پيار ناھي، سنڌ دشمن سازشن خلاف ڪڏھن به خاموش نه ويھنداسين، هن چيو ته سنڌ خلاف سازش دراصل ملڪ خلاف سازش آھي، اھڙين سمورين سازشن کي عوامي طاقت سان مٽي ۾ ملائي ڇڏينداسين. سنڌ جا وسيلا لٽڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي 15 سالن کان سنڌ تي مڙهيو ويو، پيپلز پارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ خلاف فيصلا ڪيا، قومي اسيمبلي ۾ نوان صوبا ٺاھڻ بابت ڪميٽي ٺاھي پيپلزپارٽي پنهنجي گذريل پندرهن سالن جي اقتداري دور ۾ تيل، گيس، ڪوئلي، معدنيات ۽ سامونڊي پٽي جي دولت سان مالا مال کرب پتي سنڌ جي مظلوم عوام کي پنھنجو جائز حق ڏيڻ ۽  بدران پنڻ تي مجبور ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.